دڙي واري مسجد

دڙي واري مسجد: هيءَ مسجد تعلقي موري جي لوهار محلي ۾ هڪ دڙي تي قائم آهي. هن مسجد جي قدامت لاءِ ڪا به روايت نٿي ملي. هن مسجد جو شمار موري جي قديم مسجدن ۾ ٿئي ٿو. هن مسجد ۾ هڪ مڪتب ۽ مدرسو قائم ٿيل هو، جنهن ۾ لاڙ کان لڏي آيل هڪ درويش صفت بزرگ ميان الهه اوباهيو سومرو درس ڏيندو هو. ان کانپوءِ ملا محمد پريل ميمڻ ان مسجد جي سار سنڀال ڪندو هو ۽ درس به ڏيندو هو. لوهار خاندان مان ڪيترائي ماڻهو هن مسجد جي مدرسي مان ديني تعليم حاصل ڪري حافظ ٿي نڪتا، جن کي حافظ گھراڻي جو لقب مليل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو